Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 2:9 - Sindhi Bible

9 ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ ناريون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ عورتون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 2:9
20 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن نوڪر چانديءَ ۽ سون جا زيور، ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا: ۽ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي شيون ڏنائين.


۽ جڏهن ياهو يزرعيل ۾ آيو، تڏهن ايزبل کي انهيءَ جي خبر پهتي: ۽ هن پنهنجي اکين کي ڪجل لاتو، ۽ سينڌ ڪڍي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳي.


هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.


هوءَ پنهنجي لاءِ نقشدار غاليچا جوڙي ٿي؛ سندس ڪپڙا عمديءَ ڪتان جا ۽ واڱڻائي رنگ جا آهن.


طاقت ۽ عزت هن جي پوشاڪ آهن؛ ۽ هوءَ ايندڙ وقت تي کلي ٿي.


۽ ڏس، هن کي هڪڙي زال گڏي، جنهن کي ڪڃريءَ جهڙي پوشاڪ پيئي هئي ۽ دل جي مڪار هئي.


هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن:


۽ اهي قديم ويران جايون اڏيندا، ۽ اڳوڻيون سڃيون جايون کڙيون ڪندا، ۽ اهي ويران شهرن ۾ گهڻين پيڙهين جي سڃين جاين جي مرمت ڪندا.


ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن.


پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن.


پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.)


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan