Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 2:7 - Sindhi Bible

7 آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ شاهديءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي سکيا ڏيان تہ جيئن اهي وشواس آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 2:7
27 Iomraidhean Croise  

هن جي هٿن جا ڪم سچائي ۽ انصاف وارا آهن؛ ۽ سندس سڀ حڪم سچا آهن.


آءٌ واعظ يروشلم ۾ اسرائيل جو بادشاهہ هوس.


ڏسو واعظ ٿو چوي، تہ هڪڙي شيءِ ٻيءَ تي رکي، سبب معلوم ڪرڻ سان مون ايترو معلوم ڪيو آهي:


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.


پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.


پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟


پر آئون اوهان غير قومن سان ٿو ڳالهايان. ڇوتہ آئون غير قومن جو رسول آهيان، تنهنڪري پنهنجي خدمت جي وڏائي ٿو ڪريان:


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،


آئون آزاد نہ آهيان ڇا؟ آئون رسول نہ آهيان ڇا؟ مون اسان جي خداوند يسوع کي نہ ڏٺو آهي ڇا؟ اوهين خداوند ۾ منهنجي ڪاريگري نہ آهيو ڇا؟


خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان.


تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي:


هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان.


تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.


۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.


جيڪي ايمان وارا آهن، تن کي ايماندار ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي.


۽ انهيءَ انجيل جو آئون منادي ڪندڙ ۽ رسول ۽ تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيو آهيان،


۽ قديم دنيا کي بہ ڪين ڇڏيائين، پر انهيءَ بي دين دنيا تي طوفان آڻي، رڳو راستبازيءَ جي منادي ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين:


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan