Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:7 - Sindhi Bible

7 انهي ارادي سان تہ شريعت جا تعليم ڏيندڙ ٿين، جيتوڻيڪ هو جيڪي پاڻ چون ٿا يا جنهن بابت يقين سان ڳالهائين ٿا، سو سمجهن بہ نٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 اهي نيم شاستري تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 اهي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:7
20 Iomraidhean Croise  

هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


سو هنن يسوع کي جواب ڏيئي چيو تہ اسان کي خبر ڪانهي. هن بہ چين، تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.


۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين:


۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.


۽ پاڻ کي ڏاهو چوائي بي عقل ٿي پيا،


آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟


جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟


اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟


اُهو مغروريءَ سان ڦنڊيل ۽ جاهل آهي؛ بلڪ لفظي تڪرارن ۽ بحث جو ڪوڏيو ٿو ٿئي، جن مان حسد، جهيڙو، بدگويون ۽ بدگمانيون پيدا ٿيون ٿين،


جي هميشہ تعليم پيون وٺن، پر ڪڏهن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پهچي نہ ٿيون سگهن.


اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.


پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan