Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:5 - Sindhi Bible

5 هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اها محبت پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي ايمان مان پيدا ٿئي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:5
43 Iomraidhean Croise  

اهو ئي جنهن جا هٿ صاف آهن، ۽ جنهن جي دل پاڪ آهي؛ جنهن پنهنجي دل اجاين ڳالهين ۾ نہ لڳائي آهي، ۽ جنهن ڪوڙو قسم نہ کنيو آهي.


اي خدا منهنجي اندر ۾ پاڪ دل پيدا ڪر؛ ۽ مون ۾ نئين سر مستقيم روح پيدا ڪر.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون.


چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.


مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا.


۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين.


تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي.


تنهنڪري آئون انهي سعيي ۾ آهيان تہ هميشہ خدا ۽ ماڻهن جي نسبت ڪنهن بہ ڏوهہ جي ڪري منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪري.


ڇالاءِ جو مسيح شريعت جي تڪميل آهي، تہ جيڪو بہ ايمان آڻي سو راستباز ٺهري.


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گهرجي. بديءَ کان نفرت ڪريو، ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.


آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،


جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


۽ ايمان ۽ نيڪ ضمير تي قائم رهہ، جنهن کي ڪن ماڻهن ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.


پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن.


آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جنهن جي عبادت آئون صاف دل سان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪندو اچان، تہ رات ڏينهن پنهنجين دعائن ۾ آئون توکي لڳاتار ياد ٿو ڪريان.


جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.


پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.


پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


اسان جي لاءِ دعا گهُرو، ڇالاءِ جو اسان کي پڪ آهي تہ اسان جي نيت صاف آهي، ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايمانداريءَ سان گذارڻ ٿا گهُرون.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.


۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.


انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.


۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو.


۽ جنهن مٿس اها اُميد رکي آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو هو پاڪ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan