Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:4 - Sindhi Bible

4 نڪي انهن آکاڻين ۽ بي انتها نسب نامن تي خيال ڊوڙائين، جن جي ڪري خدا جي انهي انتظام جي خبر نٿي پوي جو ايمان تي منحصر آهي، پر اُٽلندو تڪرار پيدا ٿا ٿين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ ابن ڏاڏن جي بي‌انت فهرستن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ ايشور جي انهيءَ انتظام جو جيڪو وشواس رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ بي‌انتها نسب‌نامن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ خدا جي انهيءَ انتظام جو جيڪو ايمان رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بي⁠انتھا نسب⁠نامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:4
19 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


شايد ائين آهي تہ جيڪو خدا جو فضل اوهان جي لاءِ مون تي ٿيو، تنهن بابت اوهان ٻُڌو هوندو؛


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


پر اجاين ڳالهين ۽ وهمي زالن جي آکاڻين کان انڪار ڪج. ۽ دينداريءَ جي لاءِ تعليم وٺندو رهج:


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛


اهي ڳالهيون کين ياد ڏيار، ۽ خداوند جي اڳيان کين تاڪيد ڪر تہ هو لفظن بابت بحث نہ ڪن، ڇو جو انهي مان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي، بلڪ جيڪي ٻُڌن ٿا سي بگڙيو پون.


پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.


پر بيوَقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي حجتن کان پاسو ڪر، جو تون ڄاڻين ٿو تہ انهن مان جهيڙا جهڳڙا پيدا ٿا ٿين.


۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا.


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


۽ يهودين جي آکاڻين ۽ گمراهہ ٿيل ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين.


پر بيوَقوفيءَ جي حجتن ۽ نسب نامن، ۽ جهيڙن جهڳڙن، ۽ شريعت بابت تڪرار کان پاسو ڪر؛ ڇالاءِ جو اهي بي فائدا ۽ اجايا آهن.


جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


ڇالاءِ جو جڏهن اسان اوهان کي پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني هئي، تڏهن بناوٽي ڪوڙن قصن تي ڪونہ لڳا هئاسين، پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan