Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور ۽ اسان جي اميد مسيح يعني يسوع جي حڪم سان هن جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد مسيح يعني عيسيٰ جي حڪم سان سندس رسول آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد، عيسيٰ مسيح جي حڪم سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:1
38 Iomraidhean Croise  

۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


اي اسرائيل جا خدا، اي نجات ڏيڻ وارا، سچ پچ تون ئي هڪڙو خدا آهين، جو پوشيدگيءَ ۾ آهين.


اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


۽ جيڪي توتي ظلم ٿا ڪن تن کي آءٌ سندن ئي گوشت کارائيندس؛ ۽ اُهي مٺي شراب وانگي پنهنجو رت پي مست ٿيندا: تڏهن سڀني ماڻهن کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند، يعقوب جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ آهيان، آءٌ تنهنجو ڇڏائيندڙ آهيان.


تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.


ڇالاءِ جو هن چيو تہ يقيناً، هيءَ منهنجي اُمت آهي؛ اهي اهڙا ٻار آهن، جي دغا نہ ڪندا: تنهن ڪري هو انهن جو نجات ڏيندڙ ٿيو.


انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.


۽ منهنجو روح منهنجي نجات ڏيڻ واري خدا ۾ سرهو ٿيو آهي؛


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان،


ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، آئون اوهان کي چتايان ٿو، تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آهي.


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛


آئون انهي جو شڪر ٿو ڪريان، يعني اسان جي خداوند مسيح يسوع جو، جنهن مون کي اهڙي طاقت ڏني، ۽ مون کي ايماندار سمجهي پنهنجي خدمت جي لاءِ مقرر ڪيو؛


اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛


آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.


انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي.


پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛


چوري چڪاري نہ ڪن، پر هر طرح جي ايمانداري ڏيکارين؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي تعليم کي رونق ملي.


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


پر جڏهن اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي مهرباني، ۽ اسان جي لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي،


جو هن اسان جي نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي معرفت اسان تي افراط سان نازل ڪيو؛


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.


اُنهي واحد خدا، اسان جي نجات ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي، جلال ۽ عظمت ۽ بادشاهي ۽ قدرت، ازل کان ۽ هاڻي ۽ هميشہ تائين هجي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan