Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 3:8
39 Iomraidhean Croise  

پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


جيئن ڪنهن غلام جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿن ڏانهن نهارين ٿيون، يا جيئن ڪنهن ٻانهيءَ جون اکيون پنهنجي سانئڻ جي هٿن ڏانهن نهارين ٿيون، تيئن ئي اسان جون اکيون تو خداوند اسان جي خدا ڏانهن نهارين ٿيون، جيستائين تون اسان تي رحم نہ ڪندين.


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي.


اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو.


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي منهنجي حفاظت ڪري ٿو.


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، هائو، انهيءَ ۾ ئي منهنجي اميد آهي.


ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟


انهن قومن تي پنهنجو قهر نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون سڃاڻن. هائو، انهن بادشاهتن تي غضب نازل ڪر، جيڪي تنهنجي بندگي نہ ٿيون ڪن.


بڇڙائيءَ جو بدلو وٺڻ بابت نہ سوچو، بلڪ خداوند تي ڀروسو رکو، هو پاڻ اوهان جو انصاف ڪندو.


مون کي هميشہ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي، ۽ منهنجي ياد کي پنهنجي منڊيءَ تي مُهر جيان هڻي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ جيئن موت اڻٽر آهي، تيئن اسان جي محبت اڻٽٽ آهي، ۽ اسان جي هڪٻئي لاءِ ڪشش ڪڏهن بہ ختم ٿيڻ واري ناهي. اسان جي محبت جا شعلا ڀڙڪندڙ باهہ جي شعلن کان بہ وڌيڪ تيز آهن.


ڇاڪاڻ تہ هر قوم منهنجي ظابطي ۾ آهي، بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجي منصوبن تي عمل پيو ٿئي.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


بلڪ پنهنجو غضب تون انهن قومن تي نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون مڃين، هائو، انهن پيڙهين تي جيڪي تنهنجو نالو نہ ٿيون وٺن، ڇاڪاڻ تہ انهن تنهنجي قوم کي ماري ڇڏيو آهي. هائو، انهن اسان کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ملڪ کي مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيو اٿن.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.


تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون.


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“


آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.


۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي.


ياد رکو، خداوند جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آسمان وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“


اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan