صفنياہ 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بيانصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بيانصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي. Faic an caibideilSindhi Bible5 ان جي وچ ۾ خداوند سچو آهي؛ اُهو بي انصافي نہ ڪندو؛ هر روز صبح جو هو پنهنجي عدالت ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن بہ گُسي نٿو، پر بي انصاف ماڻهوءَ کي شرم ڪونهي. Faic an caibideil |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.