صفنياہ 3:4 - Muslim Sindhi Bible4 هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن. اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن. Faic an caibideilSindhi Bible4 هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن. Faic an caibideil |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘