Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن، نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا. هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن، نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هن حڪم نہ مڃيو؛ هن سيکت نہ ورتي؛ هن خداوند تي ڀروسو نہ رکيو؛ هو پنهنجي خدا جي ويجهو نہ ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 3:2
30 Iomraidhean Croise  

انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“


جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


ڇاڪاڻ تہ هنن خدا تي ايمان نہ آندو، ۽ مٿس ڀروسو نہ ڪيائون تہ هو ڪو کين بچائي سگھي ٿو.


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو.


ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


پر اي بني يعقوب! اوهان مون کي نہ پڪاريو. هائو، اي بني اسرائيل! اوهان مون کان بيزار ٿي منهنجي عبادت ڇڏي ڏني آهي.


سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


جڏهن اوهين پوريءَ طرح خوشحال هئا، تڏهن مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي. شروعات کان ئي اوهان جي اها عادت رهي آهي، جو اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌائي ڇڏ تہ سندن ملڪ گناهن سان ڀرجي ويو آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي غضب وچان سندن ملڪ تي مينهن ڪونہ وسائيندس.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


پاڪ ڪلام جي هر لکت جو سرچشمو خدا ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، تنبيهہ ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan