Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سوڊان جي ندين جي پرينءَ ڀر تائين، منهنجا عبادت‌گذار جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن، سي بہ منهنجي لاءِ قربانيون آڻيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 3:10
17 Iomraidhean Croise  

هاڻ مصر ملڪ مان سفير نذرانا کڻي ايندا، ۽ سوڊان جا ماڻهو دعا لاءِ پنهنجا هٿ خدا آڏو ڊگھيريندا.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


خداوند غير قومن کي ڏيکارڻ لاءِ انهيءَ بادشاهہ جو جھنڊو کڙو ڪندو، جنهن بعد اسرائيل توڙي سڄي يهوداہ ملڪ جي جلاوطن ٿيل ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو، جيڪي ڌرتيءَ جي چئني پاسن تي ٽڙيل پکڙيل هوندا.


آہ! ويل آهي سوڊان جي انهيءَ علائقي لاءِ! جيڪو ان جي ندين جي هُن پار آهي، ۽ جنهن ۾ پرن وارن جيتن جي ڦڙڦڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.


انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي تعليم ڏيندو؟


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات اچي ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.


سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هو.


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. هي خدا جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan