قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.
جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.
اهي سڀ ڳالهيون تو سان ضرور ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ تون ڪسبياڻيءَ جيان پنهنجي يارن يعني غير قومن جي پٺيان لڳي آهين ۽ انهن جي بتن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿيئي.
خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘