صفنياہ 2:9 - Muslim Sindhi Bible9 تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“ Faic an caibideilSindhi Bible9 تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا. Faic an caibideil |