Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 2:3
44 Iomraidhean Croise  

دائود وراڻيو تہ ”جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو تڏهن مون روزا رکيا ۽ رنس بہ، ڇاڪاڻ تہ مون سوچيو تہ ڪهڙي خبر تہ خدا مون تي مهربان ٿئي ۽ ٻار کي جيئرو رهڻ ڏئي.


اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو. اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.


بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو.


غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!


تون انهن کي انساني سازشن کان بچائي پنهنجي حضور ۾ حفاظت سان ٿو رکين. تون انهن کي ماڻهن جي تهمتن کان لڪائي پنهنجي پناهہ ۾ ٿو رکين.


سچائيءَ ۽ حلم ۽ انصاف جي خاطر، تون پنهنجي شان وَ شوڪت ۽ فتحمنديءَ سان سوار ٿيءُ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان هيبتناڪ ڪم ڏيکار.


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


هائو، ان وقت جڏهن تون عدالت ڪرڻ جي لاءِ اُٿئين، تان‌تہ ڌرتيءَ جي سڀني مظلومن کي بچائين.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


هائو، آءٌ تو کي محفوظ رکندس. سو تون قتل نہ ڪيو ويندين ۽ تنهنجي جان بچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون تي ڀروسو رکندڙ آهين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“


اهي بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ ڪوٽ جي مرمت نہ ٿا ڪن يعني اهي کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار نہ ٿا ڪن، نڪي وري انهن جي طرفان ڀڳل ٽٽل ڀتين تي ٿا بيهن يعني مون خداوند آڏو اهي نہ ٿا پڪارين تہ جيئن منهنجي عدالت واري ڏينهن بني اسرائيل جيئرا رهي سگھن.


مون کين چيو تہ ’اوهان جي سوچ جيڪا غير آباد ٻنيءَ مثل آهي، تنهن کي اوهين هر ڏيئي کيڙيو، اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو ۽ وفاداري لڻو. اهڙيءَ طرح اوهين مون خدا جا طالبو ٿيو، تہ پوءِ آءٌ اچي اوهان تي حق سچ جي برسات وسائيندس.‘


اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. تنهن هوندي بہ هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ڪين ٿا ٿين، ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.


شايد خدا پنهنجو ارادو بدلائي پنهنجي شديد قهر کان باز اچي ۽ اسين برباديءَ کان بچي وڃون.“


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ خداوند عيسيٰ ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي، جيڪا اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني ايمان وارن سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري دل وَ جان سان پاڻ ۾ گَهري محبت رکو.


ان جي بدران اوهان جي باطني انسانيت حليم ۽ نرم طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل هجي. خدا جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan