Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهو سڀ ڪجھہ سندن مغروريءَ جي ڪري ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن قادر‌مطلق خداوند جي قوم جي بي‌عزتي ڪئي، ۽ ساڻن مغروريءَ سان هليا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 اهو سندن مغروريءَ جي سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي اُمت جي برخلاف طعنا هنيا آهن ۽ پاڻ کي وڏو چوايو اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 2:10
18 Iomraidhean Croise  

مگر خدا مٿن ڪنهن کي بہ ظلم ڪرڻ نہ ڏنو، بلڪ انهن جي خاطر هن بادشاهن کي بہ ڇينڀيو هو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين.


اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آس‌پاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس.


اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟


اسان اوهان جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، تہ اوهين ڏاڍا مغرور ٿي ويا آهيو. هائو، اسان اوهان جي وڏائيءَ، مغروريءَ، گستاخيءَ ۽ اوهان جي دل جي هٺ بابت ٻڌو آهي.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا، ۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري پاڻ ۾ ٿي ورهايائون، تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو. سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.


تون مٿاهين جبل تي مضبوط قلعي ۾ ٿي رهين، جنهن سبب تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’ڪير آهي جيڪو مون کي هيٺ زمين تي ڪيرائي سگھي؟‘ پر اي جبلن ۾ رهندڙ قوم! تنهنجي مغروري ئي تو کي دوکو ڏيندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بني موآب ۽ بني عمون جا طعنا ۽ بي‌عزتيون جيڪي هو منهنجي قوم جون ڪن ٿا، بلڪ منهنجي قوم جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جون ٻٽاڪون جيڪي هو هڻن ٿا، سو سڀ ڪجھہ مون ٻڌو آهي.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan