Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي بي‌شرم قوم! توبهہ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي بي شرم قوم، اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو، هائو گڏ ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 2:1
15 Iomraidhean Croise  

تڏهن يهوداہ جي هر شهر کان ماڻهو اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ سان گڏجي خداوند کي مدد لاءِ ٻاڏائين.


جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.


بني اسرائيل ٻين قومن وارن کان ڌار ٿي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ تي روزو رکي، کٿا ڍڪي ۽ مٿي ۾ مٽي وجھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا. هنن بيهي ڪري پنهنجا سڀ گناهہ باسيا ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي بڇڙائي بہ قبول ڪيائون.


”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو. سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو، ۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.


ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan