Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بت‌پرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:9
11 Iomraidhean Croise  

پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


جتي حڪمران ڪوڙين ڳالهين تي ڌيان ٿا ڏين، اتي سندن سڀ خدمتگار بدڪار هوندا آهن.


جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن ٺڳيءَ ڪندي هنن پنهنجا گھر ڀريا آهن، انهيءَ ڪري هو شاهوڪار ۽ طاقتور ٿي ويا آهن.


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


اوهان جي شاهوڪار ماڻهن غريبن تي ظلم وَ زبردستي پئي ڪئي آهي. اوهين سڀ ڪوڙا آهيو، ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون پيا ڪريو.


مون پڇيو تہ ”اهو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو گُندڙو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ڪيل بڇڙائي پيل آهي.“


جڏهن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


صبح جو جڏهن هن جو ڌڻي اٿيو ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃڻ لاءِ دروازو کوليائين تہ ڇا ڏسي تہ سندس سريت چانئٺ تي پنهنجا هٿ رکيو ڪري پيئي آهي.


اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين دجون ديوتا جا پوڄاري توڙي اشدود ۾ دجون جي مندر منجھہ داخل ٿيندڙ ٻيا سڀيئي ماڻهو انهيءَ در جي چانئٺ تي پير نہ رکندا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan