Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:5
30 Iomraidhean Croise  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


هو صيدانين جي ديوي عستارات ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي پٺيان لڳو.


تڏهن الياس سڀني ماڻهن جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ ”اوهين ڪيستائين ٻِہ‌دليا ٿي رهندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ انهيءَ جي پٺيان لڳو، پر جيڪڏهن بعل خدا آهي تہ پوءِ انهيءَ جي پٺيان لڳو.“ پر ماڻهن ڪجھہ بہ نہ ڪُڇيو.


هو خداوند جي بہ عبادت ڪندا هئا، پر هنن پاڻ منجھان ڪي ماڻهو پڻ چونڊي مذهبي اڳواڻ طور مقرر ڪيا هئا جيڪي هنن لاءِ غير معبودن وارن پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪندا هئا.


اهي خداوند جي عبادت تہ ڪندا هئا، پر هو پنهنجن ملڪن جي ريتن رسمن موجب پنهنجن معبودن جي پوڄا پڻ ڪندا هئا.


جيتوڻيڪ هي قومون خداوند جي عبادت تہ ڪنديون هيون، تڏهن بہ انهيءَ سان گڏ هو پنهنجن ٺاهيل بتن کي بہ پوڄينديون هيون. اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد ۽ سندن اولاد جو اولاد بہ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ائين ئي ڪندو ٿو اچي.


شاهي محل جي مٿان آخز واري ڪوٺيءَ جي ڇت تي جيڪي قربان‌گاهون يهوداہ جي بادشاهن ٺهرايون هيون ۽ جيڪي قربان‌گاهون هيڪل جي اڱڻن ۾ منسيءَ جوڙايون هيون سي يوسياہ بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اها خاڪ کڻائي قدرون جي برساتي نهر ۾ اڇلرائي ڇڏيائين.


هي پيغام رويا واري واديءَ بابت آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ پنهنجي گھرن جي ڇتين تي ڇو خوشيون پيا ملهايو؟


انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ ’اسين خداوند جا آهيون،‘ ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘ جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’خداوند جو،‘ ۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“


مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.


اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


بني عمون بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل ملڪ جا مرد ڪٿي آهن؟ ان جو ڪو وارث ڪونهي ڇا؟ پوءِ ڇو مولڪ ديوتا جا پوڄاري جد قبيلي ۽ سندس علائقي تي قبضو ڪري ان جي شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن؟


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”اهڙين ڳالهين تي آءٌ اوهان کي ڇو معاف ڪريان؟ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪوڙن معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهيو. مون اوهان کي آسودگي عطا ڪئي تہ بہ اوهان وڃي زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گھرن ۾ وڃي ڳاهٽ ٿيو ٿا.


توڙي جو اوهين اهڙا ڪم ڪريو ٿا جن کان مون کي سخت نفرت آهي، تڏهن بہ منهنجي نالي تي سڏجڻ واري هن هيڪل ۾ اچي منهنجي اڳيان بيهي اوهين چئو ٿا تہ ’اسين محفوظ آهيون،‘


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


جيئن تہ هو دغاباز ۽ بي‌وفا ٿي ويا آهن، تنهنڪري هو انهيءَ جي سزا ڀوڳيندا، خدا سندن اهي قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏيندو، ۽ سندن بتن جا ٿنڀا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


پر اوهين پنهنجي ديوتا سڪوت بادشاهہ جون ۽ ڪيوان ستاري ديوتا جون مورتيون ٺاهي انهن جي پوڄا ڪريو ٿا. سو هاڻي اوهين انهن مورتين سوڌو تڙيا ويندا.


”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙهيو.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمايو آهي تہ ”آءٌ خدا پنهنجي حياتيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو، ۽ هر زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، رڳو سندس ئي عبادت ڪريو، ساڻس ئي چُهٽيل رهو ۽ سندس ئي نالي جو قسم کڻو.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan