صفنياہ 1:4 - Muslim Sindhi Bible4 آءٌ خداوند پنهنجو هٿ يروشلم جي رهاڪن خلاف، بلڪ سڄي يهوداہ وارن خلاف کڻندس. آءٌ هن هنڌان بعل جي باقيات کي فنا ڪري ڇڏيندس، بلڪ آءٌ انهن ڪاهنن جي نالن کي پڻ مِٽائي ڇڏيندس جيڪي بعل جي بتپرستي بہ ڪرائين ٿا. Faic an caibideilSindhi Bible4 آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس. Faic an caibideil |
تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“