Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ ماڻهو توڙي جانور فنا ڪري ڇڏيندس، آءٌ پکي فنا ڪري ڇڏيندس ۽ سڀيئي مڇيون پڻ. آءٌ بڇڙن ماڻهن کي ڪيرائي ڍير ڪندس. هائو، آءٌ انسان کي روءِ‌زمين تان فنا ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:3
22 Iomraidhean Croise  

سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.


آءٌ خداوند هنن ماڻهن کي ڏورانهن علائقن ڏانهن تڙي ڇڏيندس، پوءِ سڄو ملڪ ويران ٿي ويندو.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


اتر مان انهيءَ ملڪ تي هڪڙي قوم ڪاهي ايندي، جيڪا انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيندي، ايتري قدر جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. ماڻهو توڙي جانور اتان ڀڄي ٻاهر نڪري ويندا.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“


جيئن تہ گذريل وقت ۾ لاوي بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، جنهن ڪري هو بني اسرائيل قوم کي بدڪاريءَ ڏانهن وٺي ويا، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندس.


اهي پنهنجو سون ۽ چاندي گند ڪچري جيان گھٽين ۾ اڇلائي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ خداوند مٿن پنهنجو غضب نازل ڪندس، تڏهن سندن اهو سون توڙي چاندي کين بچائي نہ سگھندا، نڪي سندن خواهشن کي اهي پورو ڪري سگھندا، ۽ نہ ئي وري سندن پيٽ ئي ڀري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي شيون سندن گناهہ جو باعث بڻيون آهن.


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.


ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan