Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر انهن جي دولت لٽجي ويندي، ۽ سندن گھر ويران ڪيا ويندا. هائو، هو گھر تہ ٺهرائين ٿا پر انهن منجھہ رهندا ڪونہ. اهي انگورن جا باغ تہ لڳائين ٿا، پر انهن جو رس پيئندا ڪونہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:13
24 Iomraidhean Croise  

تڏهن مون چيو تہ ”اي پروردگار! هي ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“ هن ورندي ڏني تہ ”جيستائين شهر اجڙي وڃن، ۽ گھر ويران ٿي وڃن، ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿي وڃي.


يهوداہ ملڪ جي سرحدن اندر ماڻهن جو جيڪو بہ مال ملڪيت ۽ خزانا آهن، نہ رڳو سي سڀ آءٌ سندن گناهن جي ڪري لٽائي ڦرائي ڇڏيندس،


۽ کُليل ميدان ۾ دڙن تي ٺهيل آهن. آءٌ اوهان جي گناهہ جي ڪري اوهان جي سڄي ملڪ مان اوهان جي دولت ۽ اوهان جا سڀ خزانا اوهان جي دشمنن هٿان لٽائي ڦرائي ڇڏيندس.


مصيبت پٺيان مصيبت ٿي اچي، ۽ سڄو ملڪ ويران ٿي ويو آهي. اوچتو ئي اوچتو اسان جا گھر، اسان جا جھُڳا، هڪ پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.


اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


انهيءَ سبب جو صيئون منجھان واءِ‌ويلا جو آواز ٿو اچي تہ ’اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين ڪيڏا نہ خوار خراب ٿيا آهيون! اسان کي هي ملڪ ڇڏي وڃڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.‘“


تنهنجي طرفان ڏنل ميراث تي ڌارين قبضو ڪيو آهي، ۽ اسان جي گھرن ۾ بہ ڌاريا ماڻهو ٿا رهن.


تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


اهي پنهنجو سون ۽ چاندي گند ڪچري جيان گھٽين ۾ اڇلائي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ خداوند مٿن پنهنجو غضب نازل ڪندس، تڏهن سندن اهو سون توڙي چاندي کين بچائي نہ سگھندا، نڪي سندن خواهشن کي اهي پورو ڪري سگھندا، ۽ نہ ئي وري سندن پيٽ ئي ڀري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي شيون سندن گناهہ جو باعث بڻيون آهن.


هائو، اي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ وارؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ دنيا جي بدڪار ماڻهن هٿان آءٌ اوهان کي لُٽائي ڦرائي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي دولت ڌارين کي مالِ‌غنيمت طور ڏيئي ڇڏيندس، جنهن جي ڪري اها ناپاڪ ٿي ويندي.


تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس، جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا. آءٌ انهن ظالمن جي هٿان اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.


هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


اوهين پوکيندا، پر لڻندا ڪجھہ بہ ڪين. اوهين زيتون جو تيل تہ لتاڙي ڪڍندا، پر اهو استعمال ڪري نہ سگھندا. اوهين انگورن مان مئي تہ ٺاهيندا، پر اها پيئي نہ سگھندا.


انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بت‌پرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“


اوهين جنهن ڇوڪريءَ سان مڱڻو ڪندا، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو. اوهين گھر جوڙيندا پر انهيءَ ۾ رهندا ڪين. اوهين انگورن جو باغ لڳائيندا پر انهيءَ جي ميوي جو مزو نہ چکندا.


اوهين انگورن جا باغ لڳائيندا، پر نڪي انگور گڏ ڪندا ۽ نہ وري انهن جو رس پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ڪينئان کائي ويندا.


اها اوهان جو چوپايو مال ۽ زمين جي پيدائش ڳڙڪائيندي ويندي. هائو، اها اناج، تازي مئي، زيتون جي تيل يا ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڦرن مان هڪڙو بہ اوهان جي لاءِ ڪين ڇڏيندي، ايتري قدر جو اوهين تباهہ وَ برباد ٿي ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan