Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ان وقت آءٌ بتي کڻي يروشلم ۾ تلاشي وٺندس، ۽ انهن کي سزا ڏيندس، جيڪي دولت سبب بي‌فڪرا ٿي دل ۾ چون ٿا تہ ’خداوند وٽان نہ چڱائي ٿيندي ۽ نہ مندائي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:12
19 Iomraidhean Croise  

هو ائين بہ چون ٿا تہ ’قادرِمطلق ڪير آهي جو اسين سندس عبادت ڪريون؟ ڀلا جي اسين انهيءَ کان دعا گھرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟‘


بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“


اهي احمق هوندا جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪونہ.“ اهڙا ماڻهو بڇڙا آهن ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا. انهن منجھہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري.


هو اسان جي ڏاڏي يعقوب جي خدا بابت هيئن ٿا چون تہ ”خداوند اسان کي ڪين ٿو ڏسي، نڪي اهو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا ٿا ڪريون.“


اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“


واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.


تڏهن خدا مون کان پڇيو تہ ”اي حزقي‌ايل! اي آدمزاد! ڏس تہ بني اسرائيل جا اڳواڻ ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڇا ٿا ڪن! اهي سڀ پنهنجي پنهنجي مورتين جي مخصوص جاين اڳيان انهن جي پوڄا ٿا ڪن. اهي بهانو بڻائي چون ٿا تہ ’خداوند اسان کي نہ ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهي.‘“


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


هائو، اي عيسوءَ جو اولاد! اوهان جي لڪل خزاني جي هر شيءِ لٽي ڦري ويندي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“


چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan