Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي يروشلم جي هيٺاهين جا رهڻ وارؤ! واءِ‌ويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا سڀ سوداگر ۽ واپاري وڍجي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اي مڪتيس جا رهاڪو، اوهين واويلا مچايو، ڇالاءِ جو ڪنعان جا سڀ ماڻهو چٽ ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي چانديءَ سان لڏيل هئا سي سڀ بہ وڍجي ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:11
16 Iomraidhean Croise  

بدڪار ماڻهو جيتوڻيڪ مٽيءَ وانگر چانديءَ جا ڍير ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ پوشاڪن جا ڍڳ تيار ڪري رکندا آهن،


تہ بہ اهي رڳو ميڙيندا ۽ تيار ڪندا آهن، باقي اهي پوشاڪون پهريندا سچا ماڻهو ئي آهن، ۽ سندن اها چاندي بي‌گناهہ ماڻهو ئي ورهائي کڻندا آهن.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.


اي حزقي‌ايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم ۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي. هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ قتل ٿيڻ وارا آهن. تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِ‌ويلا ڪر.


اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.


اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.


اي مئي پيئڻ سان مدهوش رهڻ وارؤ! جاڳو ۽ روئو رڙو. هائو، اي مئي‌خوارؤ! اوهين رڙيون ڪري روئو، ڇاڪاڻ تہ اها مٺي مئي اوهان جي وات تان کسي ويئي آهي.


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو هر هڪ ٿانءُ قادر‌مطلق خداوند جي لاءِ مخصوص ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو قربانيون ڪرڻ لاءِ ايندا سي سڀ اُهي ٿانوَ کڻي انهن ۾ قربانيءَ وارو گوشت رڌيندا پچائيندا. سو انهيءَ ڏينهن قادر‌مطلق خداوند جي گھر ۾ ڪوبہ انهن مخصوص ٿانون جو واپار نہ ڪندو.


ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“


هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan