Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




صفنياہ 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خداوند جو اهو فرمان آهي، جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ صفنياہ ولد ڪُوشي ولد جِدلياہ ولد امرياہ ولد حزقياہ تي نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




صفنياہ 1:1
12 Iomraidhean Croise  

منسي وفات ڪري وڃي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس پنهنجي محل جي باغ عزا ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امُون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


امُون کي پنهنجي محل جي باغ عزا ۾ سندس لاءِ ٺهيل غار ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ يوسياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


منسي وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سندس ئي محل ۾ دفنايو ويو. پوءِ سندس پٽ امُون سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو.


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو، پر هو قيد ٿي ٻئي ملڪ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، تنهن جي باري ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن موٽي ڪونہ ايندو.


”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.


ڪبار نهر جي ڪناري تي خداوند مون سان ڳالهايو ۽ سندس قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي.


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


پاڪ ڪلام جي هر لکت جو سرچشمو خدا ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، تنبيهہ ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.


انهيءَ واقعي جي ڪري نبين جي معرفت مليل پاڪ ڪلام تي اسان جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan