ذڪرياہ 9:9 - Muslim Sindhi Bible9 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي. Faic an caibideilSindhi Bible9 اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي. Faic an caibideil |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.