Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 9:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ پنهنجي ملڪ تي نظرداري ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي ڪوبہ ڦورو ٽولو ان کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، نڪي وري ڪو ظالم منهنجي قوم کي لتاڙي سگھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ آءٌ پنهنجي گهراڻي جي چوڌاري لشڪر وانگي گهيرو ڪندس، جيئن ڪو اچي وڃي نہ سگهي، ۽ نہ ڪو ظالم اُتان وري گذري: ڇالاءِ جو هاڻي مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 9:8
39 Iomraidhean Croise  

ٿي سگھي ٿو تہ مون کي پهتل هن رنج تي خداوند نظر ڪري ۽ اڄوڪي لعنت جي عيوض هو منهنجو ڀلو ڪري.“


آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾، مصر جو بادشاهہ نڪوہ اشور جي شهنشاهہ جي جنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ يهوداہ ملڪ جي علائقي مان گذرندي فرات نديءَ ڏانهن پئي ويو. يوسياہ بادشاهہ هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو. پر نڪوہ جي لشڪر ساڻس مقابلو ڪيو ۽ مجدو وٽ کيس ماري وڌائون.


يهويقيم جي بادشاهيءَ دوران، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو ۽ يهويقيم ٽي سال هن جي ڍل ڀريندڙ ٿي رهيو، پر پوءِ هن نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري.


شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!


پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي.


جيئن تہ بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن سو بہ ڏٺو اٿم،


سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون.


انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.


هائو، جيئن پکي پنهنجي آکيري مٿان ٻچن جي حفاظت لاءِ لامارا ڏيندو رهندو آهي، تيئن ئي آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي حفاظت ڪندس ۽ انهيءَ کي بچائيندس.“


تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


هن دفعي اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڪو اوهان جي پٺيان هوندو جو اوهين ڀڄي نڪرو، بلڪ خداوند، بني اسرائيل جو خدا اوهان جي رهنمائي ڪندو، ۽ هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندو.


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


تنهنجي سرزمين تي وري ظلم، ۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، نڪي تنهنجي سرحدن ۾ تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي. پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو، ۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.


سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


هي آهي اهو پيغام جيڪو خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ڪيئن اچي مصر ملڪ کي شڪست ڏيندو.


جنهن جي شروعات مصر جي باري ۾ ٿئي ٿي. هائو، اهو مصر جي نڪوہ نالي فرعون جي لشڪر جي باري ۾ آهي، جنهن کي ڪرڪميس شهر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني هئي. اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال ٿيو.


آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مطلب تہ آءٌ انهن کي وري سندن ملڪ ۾ آباد ڪندس، ۽ جيڪو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان هو اڳتي ڪڏهن بہ ڪڍيا نہ ويندا.“ خداوند اسان جي خدا جو اهو ئي فرمان آهي.


انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند انهن قومن جي هر گھوڙي کي ٽاهہ ڏيندس ۽ انهن جي سوارن کي ديوانو ڪري ڇڏيندس. آءٌ يهوداہ وارن جي نگهباني ڪندس، پر سندن دشمنن جي سڀني گھوڙن کي انڌو ڪري ڇڏيندس.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


يروشلم تي وري ڪڏهن بہ تباهي نہ ايندي، بلڪ اهو هميشہ آباد ۽ سلامت رهندو.


آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا، هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو. منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا، سي مون خداوند جا هوندا، ۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا. هائو، عقرون شهر وارا بہ يبوسين وانگر منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.


بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘


مون ڏٺو تہ هو ڌرتيءَ تي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جي پياري شهر کي وڪوڙي ويا جتي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي گڏجي رهن ٿا. ان وقت آسمان مان باهہ نڪتي ۽ وڪوڙڻ وارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan