ذڪرياہ 9:4 - Muslim Sindhi Bible4 پر رب العالمين هنن جو سڄو مال ملڪيت اڏائي ڇڏيندو. هائو، هو سندن طاقت سمنڊ ۾ اڇلائي وجھندو، ۽ سندن شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. Faic an caibideilSindhi Bible4 ڏس، خداوند کيس خالي ڪندو؛ ۽ سندس فخر ڀڃي سمنڊ ۾ غرق ڪندو، ۽ باهہ کيس ساڙي چٽ ڪندي. Faic an caibideil |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.