Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 9:3 - Muslim Sindhi Bible

3 صور وارن پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعو ٺاهيو آهي، ۽ رستن جي ڌوڙ وانگر سون ۽ چانديءَ جا ڍير لڳايا اٿائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ صور پنهنجي لاءِ هڪڙو مضبوط قلعو ٺاهيو، ۽ چاندي مٽيءَ وانگر گڏ ڪئي، ۽ عمدو سون ڪچرو وانگر گڏ ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 9:3
16 Iomraidhean Croise  

ان کان پوءِ ڏکڻ طرف هلندي هو صور جي قلعي کان ٿيندا حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا. پوءِ اڳتي هلي هو يهوداہ جي بيرسبع تائين اچي پهتا.


بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا سڀ پيالا سون جا هئا ۽ لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جا سڀ ٿانوَ بہ نج سون جا هئا. ڪابہ شيءِ چانديءَ جي ٺهيل نہ هئي، ڇاڪاڻ تہ سليمان جي ڏينهن ۾ چانديءَ جو ڪو قدر ڪونہ هو.


بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ کي ائين عام ڪري ڇڏيو جيئن پٿر هوندا آهن ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.


جيڪڏهن تون پنهنجو خزانو مٽيءَ ۾، ۽ پنهنجي نج سون کي نديءَ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين،


بدڪار ماڻهو جيتوڻيڪ مٽيءَ وانگر چانديءَ جا ڍير ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ پوشاڪن جا ڍڳ تيار ڪري رکندا آهن،


هائو، آءٌ انهن اميرن وانگر ستل هجان ها! جن جا گھر چانديءَ ۽ سون سان ڀريل هئا.


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن صور شهر کي برباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو؟ هائو، انهيءَ شهر کي ڪنهن ناس ڪيو، جيڪو بادشاهن کي تاج پهرائيندڙ هو، جنهن جا واپاري امير هئا، ۽ جنهن جا سوداگر پوريءَ دنيا ۾ معزز ليکيا ٿي ويا؟


تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا، ۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا. هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا. پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر، بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.


سو تنهنجو مال متاع، تنهنجو تجارت وارو سامان، تنهنجا وانجھي توڙي ناکئان، تنهنجي مرمت ڪندڙ تو ڙي مال جا سوداگر، تو ۾ موجود سڀ جنگي جوڌا، هائو، اهو پورو ٽولو جيڪو تو ۾ موجود هو، سي سڀيئي تنهنجي برباديءَ واري ڏينهن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا.


اي صور! جڏهن تنهنجو تجارت وارو مال سمنڊ جي رستي سان ايندو ويندو هو، تڏهن تنهنجي انهيءَ مال سان گھڻيون ئي قومون مالا مال ٿي ٿيون. تو پنهنجي جھجھي دولت ۽ تجارتي مال جي گھڻائيءَ سان دنيا جي بادشاهن کي دولتمند بڻائي ڇڏيو.


مگر هاڻ پاڻيءَ جي زور تو کي اونهي سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي. سو تو سان گڏ تنهنجو تجارت وارو مال، ۽ ماڻهن جا ٽولا بہ غرق ٿي ويا آهن.“


خداوند مون کي فرمايو تہ


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


پوءِ اُها سرحد اولهہ طرف رامہ ڏانهن ڦري ۽ قلعي واري شهر صور ڏانهن ويئي. اتان اُها حوسہ ڏانهن ڦري ۽ پوءِ اتان نڪري ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. انهيءَ ۾ اڪزيب،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan