Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خداوند جو پيغام آهي. خداوند، جيڪو نہ رڳو بني اسرائيل کي، بلڪ پوري بني آدم کي نظر ۾ رکي ٿو، سو حدراڪ ملڪ توڙي دمشق شهر کي سزا ٻڌائي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 بني آدم ۽ اسرائيل جي سڀني گهراڻن جي اک خداوند ڏانهن لڳل آهي: خداوند وٽان، حدراڪ جي ملڪ ۽ انهيءَ جي آرامگاهہ دمشق جي برخلاف نبوت،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 9:1
22 Iomraidhean Croise  

اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو.


اي اسان جا خدا! ڇا تون انهن کي سزا نہ ڏيندين؟ ڇاڪاڻ تہ اسان سان وڙهڻ لاءِ آيل هيڏي وڏي لشڪر سان منهن ڏيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي. اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڇا ڪريون، بلڪ اسين تہ مدد لاءِ تو ڏانهن پيا واجھايون.“


سڄي جهان جون اکيون تو ڏانهن ئي واجھائين ٿيون، تون ئي انهن کي پوري وقت تي کاڌو عطا ڪرين ٿو.


منهنجيون اکيون هر وقت تو ڏانهن لڳل رهن ٿيون، ڇوجو تون ئي مون کي هر ڦندي مان ڇڏائين ٿو.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.


هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


هي پيغام خدواند جي طرفان، ملاڪي نبيءَ جي معرفت بني اسرائيل ڏانهن آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan