Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 8:9
18 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.


دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.


پر اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ضرور ملندو.“


سو حجي ۽ زڪرياہ نبين جي پيغامن مطابق يهودين جي اڳواڻن تعمير جو ڪم جاري رکيو. هنن بني اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب ۽ فارس جي بادشاهن خورس، دارا ۽ ارتخششتا جي فرمانن موجب هيڪل جوڙي تيار ڪئي.


اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


تڏهن گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻيا اهي سڀ ماڻهو جيڪي بابل جي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند سندن خدا کين حڪم ڏنو هو. هنن خداوند جو خوف رکندي حجيءَ جي معرفت مليل پيغام تي عمل ڪيو.


اڄ نائين مهيني جي چوويهين تاريخ آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن اوهان هيڪل جو بنياد رکي چڪا آهيو سو هاڻي کان اوهين غور ڪري ڏسجو تہ ايندڙ وقت ۾ اوهان کي ڇا ٿو ملي.


”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس.


اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.


قادر‌مطلق خداوند اوهان لاءِ مون کي هي پيغام ڏنو تہ


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪو فضل تو کي عيسيٰ مسيح ۾ عطا ٿيو آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ.


مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan