Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”مون کي يروشلم لاءِ ڏاڍي غيرت آهي. انهيءَ غيرت جي ڪري آءٌ سندس دشمنن تي سخت ڪاوڙيل آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي صيون لاءِ سخت غيرت آهي، ۽ انهيءَ غيرت ڪري آءٌ سخت ڪاوڙيل آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 8:2
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


تڏهن خداوند پنهنجي ملڪ بابت ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو، ۽ هن پنهنجي قوم تي رحم ڪري


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


قادر‌مطلق خداوند مون زڪرياہ کي وري فرمايو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan