Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر هاڻي اوهين جيڪي باقي بچيل آهيو، تن سان آءٌ اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هئم. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پر هاڻي آءٌ هن قوم جي باقي بچيلن سان اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هوم، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 8:11
7 Iomraidhean Croise  

هو قوم کي سدائين ڇينڀيندو ڪين رهندو، نڪي وري هو پنهنجي غصي کي هميشہ لاءِ جاري رکندو.


تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي.


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي.


جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan