Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهن ڏينهن کان اڳ ڪنهن وٽ ايترو پئسو نہ هوندو هو جو ڪو مزدور کي ڪم تي رکي سگھي يا وري ڪنهن جانور لاءِ ڪرايو ادا ڪري سگھي، نہ ئي وري ان وقت ڪو دشمنن کان سلامت رهي ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پاڻ هر ڪنهن کي هڪٻئي جي خلاف ڪري ڇڏيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو انهن ڏينهن کان اڳ، نہ انسان جي لاءِ مزوري هئي، ۽ نہ جانورن لاءِ ڀاڙو؛ نڪا ايندڙ ويندڙ لاءِ دشمنن جي ڪري سلامتي هئي: ڇالاءِ جو مون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 8:10
11 Iomraidhean Croise  

هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“


سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي.


اي ٻڌڻ وارؤ! اوهين کوهن وٽ ڳائڻ وارن جو آواز ٻڌو، اهي بہ خداوند جي سوڀ بيان ٿا ڪن، هائو، اها ئي سوڀ جيڪا اسان جي جنگي جوڌن حاصل ڪئي. اها سوڀ ان وقت ملي جڏهن خداوند جي قوم اُٿي کڙي ٿي، ۽ شهر جي دروازن کان هيٺ لهي آئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan