ذڪرياہ 7:7 - Muslim Sindhi Bible7 سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا. Faic an caibideilSindhi Bible7 جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟ Faic an caibideil |
تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آسپاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا.
پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آسپاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“