Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 7:6 - Muslim Sindhi Bible

6 وري جڏهن اوهان کاڌو پيتو پئي تہ ڇا اهو سڀ پنهنجن مزن ماڻڻ لاءِ نہ پئي ڪيوَ؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن اوهين کائو يا پيئو ٿا، تہ پنهنجي لاءِ نٿا کائو پيئو ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 7:6
15 Iomraidhean Croise  

هنن انهيءَ ڏينهن خداوند جي حضور ۾ وڏي خوشيءَ سان کاڌو پيتو. پوءِ هنن ٻيهر دائود جي پٽ سليمان کي خداوند جي حضور ۾ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو. هنن صدوق کي پڻ مسح ڪري ڪاهن مقرر ڪيو.


منهنجي تعظيم خاطر اوهان پنهنجيون قربانيون پيش نہ ڪيون آهن. هائو، اوهان پنهنجي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ ڪا رڍ ٻڪري بہ منهنجي حضور ۾ نہ آندي آهي، ڀلا مون اوهان کي نذرانن آڻن لاءِ مجبور ڪيو آهي ڇا؟ يا لوبان ساڙڻ لاءِ اوهان کي ڪا تڪليف ڏني اٿم ڇا؟


تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.


سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


اتي اوهين انهن پئسن مان ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، مئي، ٻي ڪابہ نشي واري شيءِ يا جيڪا بہ شيءِ اوهان جي دل چاهي سا وٺي، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجي گھراڻي سميت کائجو ۽ خوشي ڪجو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan