Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 7:3
21 Iomraidhean Croise  

جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي.


روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“


”تون شريعت جي هن سوال بابت ڪاهنن کان راءِ وٺ.


تڏهن قادر‌مطلق خداوند مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو تہ جيئن آءٌ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي سندس اهو فرمان وڃي ٻڌايان تہ ”جڏهن اوهان پنجين توڙي ستين مهيني ۾ ستر سالن تائين روزا رکيا ۽ رنا رڙيا تہ ڇا اهو سڀ ڪجھہ اوهان خاص منهنجي خاطر ڪيو؟


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


هو بني اسرائيل کي تنهنجي شريعت جا حڪم سيکارين ٿا. هو تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙين ٿا، ۽ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي قربان‌گاهہ تي پيش ڪندا رهن ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan