Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ان کان اڳ بيت‌ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم‌ملخ کي سندن ماڻهن سميت موڪليو هو تہ هو اچي خداوند جي هيڪل ۾ دعا گھرن

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 7:2
11 Iomraidhean Croise  

تڏهن بادشاهہ يربعام خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جو تون خاص ٻانهو آهين، تنهن کان منهنجي لاءِ دعا گھر ۽ کيس سوال ڪر تہ منهنجو هٿ وري ٺيڪ ٿي پوي.“ سو انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کان دعا گھري تہ بادشاهہ جو هٿ وري ٺيڪ ٿي ويو ۽ جهڙو اڳي هو تهڙو ئي ٿي پيو.


بيت‌ايل ۽ عئي شهرن جا ٻہ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا،


انهيءَ لاءِ تہ هو عرش عظيم جي خدا جي لاءِ وڻندڙ شين جون قربانيون پيش ڪري سگھن ۽ منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وڏي حياتيءَ لاءِ دعا گھرن.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟


قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون، قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون. اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون. بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.


پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“


”اي زڪرياہ! تون اڄ ئي يوسياہ ولد صفنياہ جي گھر وڃ، جتي بابل جي جلاوطنيءَ کان تازو موٽي آيلن مان خلدي، طوبياہ ۽ يدعياہ تو کي سون ۽ چاندي ڏيندا.


هائو، هڪڙي شهر جا رهاڪو چاهہ وچان ٻئي شهر جي ماڻهن کي وڃي چوندا تہ ’هلو تہ اسين يروشلم هلي قادرِمطلق خداوند جي عبادت ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون. هلو، اسين بہ هلون ٿا.‘


تڏهن مون سوچيو تہ هاڻي فلستي هتي جِلجال ۾ اچي مون تي حملو ڪندا ۽ مون اڃا تائين خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ بہ نہ ڪئي آهي. تنهنڪري مون مجبور ٿي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan