Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اوهين رن‌زال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ بيوهہ زال، ۽ يتيم، ۽ مسافر، ۽ مسڪين تي ظلم نہ ڪريو؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف دل ۾ برو خيال نہ رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 7:10
38 Iomraidhean Croise  

يعني انهن کان، جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ روز بروز فساد کڙا ڪن ٿا.


جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.


اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.


شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!


اوهين ڌارئي تي ظلم نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڌارئي جي دل جي خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.“


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي خلاف ڪوبہ منصوبو نہ جوڙجو، جڏهن تہ هو اوهان تي ڀروسو رکندي اوهان جي پاڙي ۾ رهي ٿو.


بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


’آءٌ اوهان جي يتيم ٻارن جي سنڀال لهندس، ۽ اوهان جي رنن‌زالن جي حفاظت ڪندس.‘“


هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.


تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ هڪٻئي لاءِ برا منصوبا نہ جوڙي، نہ وري ڪو ڪوڙو قسم ئي کڻي، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کي انهن سڀني ڳالهين کان نفرت آهي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رن‌زال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan