Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 مون پڇيو تہ ”اهو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو گُندڙو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ڪيل بڇڙائي پيل آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 5:6
8 Iomraidhean Croise  

اوهان جون تارازيون، وٽ ۽ ماپا بلڪل صحيح هجن. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڪڻڪ کي گندگار سميت وڪڻون، ۽ غريب کي چانديءَ جي چند سڪن تي، ۽ مسڪين کي جتيءَ جي جوڙي تي خريد ڪريون.“


بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بي‌ايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.


انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بت‌پرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“


پوءِ جڏهن انهيءَ گُندڙي جو شيهي وارو ڍڪ مٿي کنيو ويو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙي عورت ويٺي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan