Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ اڳتي وڌي اچي مون کي چيو تہ ”نهاري ڏس تہ هي جيڪا شيءِ اچي رهي آهي سا ڇا آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن نڪري مون کي چيو، تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس، تہ هيءُ جيڪو وڃي ٿو سو ڇا آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 5:5
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجيون اکيون کڻي اتر طرف نهار.“ سو جڏهن مون مڙي ڪري اتر طرف ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ دروازي جي لنگھہ وٽ جتي اها مورتي کوڙيل آهي جنهن خدا کي غيرت ڏياري هئي، تنهن جي هڪ قربان‌گاهہ بہ آهي.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ قادر‌مطلق خداوند جا اهي لفظ آءٌ اعلان ڪري ٻڌايان تہ ”مون خداوند کي يروشلم ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيئون جي لاءِ تمام گھڻي غيرت آهي.


تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“


تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“


تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ مون کان اڳتي وڌيو تہ هڪڙو ٻيو ملائڪ ساڻس اچي مليو.


هن وراڻيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ هن جو مطلب ڇا آهي؟“ مون ورندي ڏني تہ ”منهنجا سائين! نہ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan