Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 4:6
33 Iomraidhean Croise  

يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“


زلزلي کان پوءِ باهہ آئي، پر خداوند باهہ ۾ بہ ڪونہ هو. باهہ کان پوءِ هڪڙو سس پس جهڙو هلڪو آواز آيو.


پوءِ آسا خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند! تنهنجي اڳيان طاقتور ۽ ڪمزور جي وچ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سوڀ ڏيڻ وارو تون ئي آهين. سو اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اسان جو ڀروسو تو تي آهي ۽ تنهنجو ئي نالو وٺي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيا آهيون. اي خداوند! تون ئي اسان جو خدا آهين. ائين نہ ٿئي جو اسين شڪست کائون، ڇاڪاڻ تہ اها شڪست تنهنجي ئي ٿيندي.“


اهي زربابل، يشوع، نحمياہ، سِرايا، رعلياہ، مردڪي، بِلشان، مِسفار، بِگوي، رحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو:


جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي.


تڏهن زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.


ياد رکو، فوج جي گھڻائيءَ سان ڪوبہ بادشاهہ سوڀ ماڻي نہ ٿو سگھي، نڪي گھڻي طاقت جي ڪري ڪوبہ بهادر غالب اچي سگھي ٿو.


هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهندو، جيستائين خدا وري اسان تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪري. تڏهن بيڪار زمين سرسبز ٿي پوندي، ۽ سرسبز زمين ۾ بيحد جھجھا فصل ٿيندا.


اوهين خداوند جي ڪتاب کي جاچي پڙهي ڏسو، انهيءَ لاءِ تہ ڪابہ سٽ رهجي نہ وڃي، بلڪ هر ڪا سٽ ٻيءَ سٽ سان گڏ پڙهي وڃي. اهي سڀ خداوند جون ئي فرمايل ڳالهيون آهن، جيڪي هن پاڻ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن.


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


جڏهن توهان انهيءَ کي ڏٺو پئي، تڏهن اوچتو هڪڙو وڏو پٿر انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ ٽڪر مان ٽٽي نڪتو ۽ انهيءَ مورتيءَ جي پيرن تي اچي ڪريو، جيڪي لوهہ ۽ ٺڪر جا هئا ۽ انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين.


پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس.


پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.


”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر،


پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو.


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“


۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan