Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 4:10
26 Iomraidhean Croise  

بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بي‌عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“


ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو.


هو پنهنجي تخت واريءَ جاءِ تان هيٺ نهاري ٿو. هائو، هو ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن کي نهاري ٿو ڏسي.


خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو.


بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.


يروشلم جي وسندي اوهان جي ائين پالنا ڪندي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي ٿڃ پيئاري ڍءُ ڪرائيندي آهي. هائو، اوهين انهيءَ شهر جي خوشحاليءَ مان خوب لطف ماڻيندا، ايستائين جو اوهين اطمينان حاصل ڪريو.


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟


اهي ساهوارا وڄ جي تجليءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن پئي ٿيا.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي. اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“


تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر، تنهنجي قوم ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“


’ڇا اوهان منجھہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن اصلي هيڪل جو شان وَ شوڪت ڏٺو هجي؟ اوهان انهن کان پڇو تہ کين هاڻوڪي هيڪل ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي؟ ٿي سگھي ٿو تہ انهن جي خيال ۾ اڳئين جي مقابلي ۾ هي هيڪل ڪجھہ بہ نہ آهي.


اي يشوع! ڏس، مون تنهنجي اڳيان جيڪو پٿر لڳايو آهي، تنهن کي ست ڪنڊون آهن ۽ انهيءَ تي آءٌ هيءَ ڳالهہ نقش ڪري ڇڏيندس تہ آءٌ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ملڪ جا گناهہ مِٽائي ڇڏيندس.


هي خداوند جو پيغام آهي. خداوند، جيڪو نہ رڳو بني اسرائيل کي، بلڪ پوري بني آدم کي نظر ۾ رکي ٿو، سو حدراڪ ملڪ توڙي دمشق شهر کي سزا ٻڌائي ٿو.


پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


پوءِ مون اهي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan