Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي يشوع! ڏس، مون تنهنجي اڳيان جيڪو پٿر لڳايو آهي، تنهن کي ست ڪنڊون آهن ۽ انهيءَ تي آءٌ هيءَ ڳالهہ نقش ڪري ڇڏيندس تہ آءٌ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ملڪ جا گناهہ مِٽائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 3:9
34 Iomraidhean Croise  

قبلا سائين! هينئر سڄي بني اسرائيل جون اکيون توهان تي آهن تہ توهان کين ٻڌايو تہ توهان منهنجي آقا بادشاهہ کان پوءِ ڪير توهان جي تخت تي ويهندو.


بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بي‌عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“


جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


تون انهن ٻنهي پٿرن تي، جيئن جوهري منڊيءَ تي نقش اُڪريندو آهي تيئن يعقوب جي پٽن جا نالا اُڪرائج ۽ انهن ٻنهي پٿرن کي سون جي خانن ۾ جڙائي ڇڏج.


اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هجن. جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن اهي نالا جيڪي ٻارهن قبيلن جا نالا هوندا، سي هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هجن.


تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


سو ملائڪ پنهنجي سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جا ميرا ڪپڙا لاهيو.“ پوءِ هن يشوع کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ مان مراد آهي تہ تو تان تنهنجا گناهہ لاٿا ويا آهن ۽ هاڻ آءٌ تو کي عمدا ڪپڙا ڍڪائيندس.“


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


عيسيٰ اهو آهي جنهن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن حقير ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پاڪ روح آهي، جيڪو اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي واعدن جو بيانو ادا ڪيو آهي.


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


تنهن هوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”خداوند پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan