Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 3:8
24 Iomraidhean Croise  

گھڻن ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ حيرانيءَ جو سبب بڻيو آهيان، پر تون ئي تہ آهين جيڪو منهنجي مضبوط پناهہ بڻيو آهين.


جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو.


اشورين جڏهن اشدود شهر فتح ڪيو تڏهن خداوند فرمايو تہ ”جيئن تہ منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو رهيو آهي، سو اها مصر ۽ سوڊان وارن جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت آهي تہ ساڻن ڇا ڪيو ويندو.


اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن خداوند جي چونڊيل زمين خوبصورت ۽ شاندار ٿي پوندي ۽ بني اسرائيل مان جيڪي بچي ويل هوندا تن لاءِ انهيءَ جو ڦل لذيذ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.


هن مون کي فرمايو آهي تہ ”اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين. تنهنجي ڪري ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪندا.“


خدا مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽان ئي پنهنجو خاص ٻانهو ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، تان‌تہ آءٌ سندس قوم بني يعقوب کي وٽس موٽائي آڻيان. هائو، خداوند مون کي مان مرتبو بخشيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت عطا ڪئي اٿائين، تہ جيئن آءٌ سندس انهيءَ ٽڙيل پکڙيل قوم بني اسرائيل کي آڻي وٽس گڏ ڪريان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، منهنجو ٻانهو ڪامياب ٿيندو. هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، ۽ وڏي درجي کي رسندو.


هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.


ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


انهن ڏينهن ۾ آءٌ دائود جي نسل مان هڪڙو سچار بادشاهہ پيدا ڪندس، جيڪو هر هنڌ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو اوهان لاءِ هڪڙي نشاني آهي تہ باقي بچيل يروشلم وارن سان بہ ائين ئي ڪيو ويندو، کين شهر نيڪالي ملندي ۽ اهي پڻ جلاوطن ڪيا ويندا.


سو حزقي‌ايل اوهان لاءِ هڪڙو نشان آهي. جڏهن يروشلم ۾ ائين ٿيندو تڏهن اوهين بہ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪندا جيئن حزقي‌ايل ڪيو آهي. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘


آءٌ سندن ٻنين ۾ تمام جھجھا فصل اپائيندس، تنهنڪري هو وري ڪڏهن بہ ڏڪار سبب نہ مرندا ۽ نہ وري غير قومن جا ڪي طعنا سهندا.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.


بيشڪ اسان جو خدا نهايت رحيم آهي. هو عرش عظيم واري صبح جي روشني اسان تي نازل ڪندو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan