6 خداوند جي ملائڪ يشوع کي تاڪيد ڪندي چيو تہ
6 ۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ
بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.
جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.
هائو، هو منهنجي ملائڪ سان ملهہ وڙهيو هو، ۽ ڏاڍيءَ مشڪل کان پوءِ هو انهيءَ ملائڪ کان کٽي ويو هو. پوءِ هن روئندي روئندي مون خداوند کان برڪت گھري هئي. تنهن هوندي بہ مون خداوند بيتايل ۾ اچي يعقوب سان ڳالهايو هو.
رويا ۾ خداوند مون کي سردار ڪاهن يشوع ڏيکاريو، جيڪو خداوند جي ملائڪ جي اڳيان بيٺو هو ۽ شيطان يشوع جي ساڄي پاسي کان بيٺو هو انهيءَ لاءِ تہ مٿس الزام مڙهي.
ملائڪ سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جي مٿي تي ڌوتل پڳ ٻڌو.“ سو هنن کيس ڌوتل پڳ مٿي تي ٻڌي ۽ ڪپڙا پهرايائونس، جڏهن تہ خداوند جو ملائڪ ڀرسان بيٺو رهيو.
”قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.