Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن خداوند جي ملائڪ شيطان کي چيو تہ ”اي شيطان! شل خداوند جي تو تي ملامت هجي! هائو، اهو خداوند جنهن يروشلم کي پنهنجو شهر ڪري چونڊيو، سو شل هميشہ تو تي ملامت ڪندو رهي! ڏس، هن شخص کي خداوند انهيءَ ڪاٺيءَ جيان بچايو آهي، جيڪا باهہ مان ڇڪي ڪڍي ويئي هجي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 3:2
22 Iomraidhean Croise  

’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي ۽ نہ ئي وري پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم ٿيڻ لاءِ ڪو ماڻهو چونڊيو هئم.


پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“


ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تان‌تہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين.


اتي تون کيس چئُہ تہ ’سنڀالي هل، حوصلو رک ۽ رضين، سندس ارامي فوج ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ جي مخالفت کان نہ ڊڄ. تنهنجي خلاف هنن جي ڪاوڙ ڄڻ تہ رڳو دونهون ڪڍندڙ انهن ٻن اُماڙين جيان آهي، جيڪي وسامڻ تي آهن. سو تون هنن کان نہ گھٻراءِ.


مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“


انهيءَ ڏينهن خداوند پنهنجي پاڪ ملڪ مان وري بني يهوداہ واري حصي کي پنهنجي ميراث قرار ڏيندو ۽ يروشلم کي وري پنهنجو شهر ڪري قبول فرمائيندو.


پر عيسيٰ هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“


عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“


پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


تنهن تي عيسيٰ کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو.


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.


”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پاڪ ڪلام جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘


تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


ڪير آهي جيڪو خدا جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ خدا خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري.


ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي رحم ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan