ذڪرياہ 2:9 - Muslim Sindhi Bible9 سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادرمطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible9 ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي. Faic an caibideil |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“