Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي يهوداہ وارؤ! قادر‌مطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 2:8
50 Iomraidhean Croise  

خدا خواب ۾ ئي وراڻيس تہ ”بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مون بہ تو کي پنهنجي خلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو.


خداوند بابلين، ارامين، موآبين ۽ بني عمون جا ٽولا يهوداہ ملڪ تي موڪليا. خداوند کين انهيءَ لاءِ موڪليو تہ هو يهوداہ کي تباهہ ڪن، جيئن هن پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت اڳ ۾ فرمايو هو.


اک جي ماڻڪيءَ وانگر تون منهنجي حفاظت ڪج. هائو، مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ.


منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا. منهنجي نصيحتن جي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر بيحد حفاظت ڪريو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! جيڪا هاڻي اجڙيل ۽ تباهہ وَ برباد لڳي پيئي آهين، سا جلد ئي وري تعمير ڪئي ويندينءَ. تو کي برباد ڪرڻ وارا تو کان پري هليا ويندا، ۽ تون پنهنجي رهاڪن جي گھڻائيءَ جي ڪري سوڙهي ٿي پوندينءَ.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آس‌پاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس.


سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! ادوم جي ماڻهن وڏي بڇڙائي ڪري يهوداہ وارن کان وير ورتو. هائو، انهن کانئن بدلو وٺي هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ ’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي! جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو، سو ويران ٿي ويو آهي. هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


اوهين بني اسرائيل سان شروع کان ئي دشمني رکندا پيا اچو. جڏهن اهي سندن مصيبت جي ڏينهن ۾ بدڪاريءَ سبب ٻين جي هٿان تباهہ وَ برباد پئي ٿيا ۽ منجھن قتلام ۽ خونريزي ڪئي ٿي ويئي، تڏهن اوهان ساڻن ڌوڪو ڪندي انهن جي ڪا مدد نہ ڪئي.


آءٌ اوهان تي انسان توڙي جانور گھڻي انداز ۾ وڌائيندس. اهي گھڻا ٿيندا ۽ وڌندا ويجھندا. آءٌ اوهان کي اڳي وانگر وري آباد ڪندس، بلڪ اڳي کان بہ وڌيڪ اوهان تي احسان ڪندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون ياجوج کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جڏهن منهنجي قوم بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن تو کي اها خبر پوندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


اي يروشلم جي وسندي! گھڻين ئي قومن وارن اچي تنهنجو گھيرو ڪيو آهي. اهي چون ٿا تہ ”اسين يروشلم جي عزت لٽينداسين، ۽ اسان جون اکيون انهيءَ کي خوار خراب ٿيندي ڏسنديون.“


انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


جيڪو ظلم توهان لبنان جي ٻيلن سان ڪيو، سو توهان تي ئي اچي ڪڙڪندو، ۽ جيڪو ڪوس توهان اتي جي جانورن ۾ وڌو، جنهن سان هو ڊڄي ويا سو بہ توهان کي ئي ڏهڪائي ڇڏيندو. انهيءَ سبب جو توهان انساني رت وهايو آهي، هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن، ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.


جيئن تہ اوهان گھڻين ئي قومن کي لٽيو ڦريو آهي، سو جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن سي وري توهان کي لٽيندا، ڇاڪاڻ تہ توهان انساني رت وهايو آهي. هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بني موآب ۽ بني عمون جا طعنا ۽ بي‌عزتيون جيڪي هو منهنجي قوم جون ڪن ٿا، بلڪ منهنجي قوم جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جون ٻٽاڪون جيڪي هو هڻن ٿا، سو سڀ ڪجھہ مون ٻڌو آهي.


انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


۽ شهر جا رستا راند ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هوندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


تنهن تي بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“


پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي دنيا ۾ موڪليو آهي.


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


خداوند هنن کي اهڙي رڻ‌پٽ ۾ لڌو هو، جيڪو سڃو سکڻو ۽ خوفائتو هو. تڏهن هن هر طرح سان سندن سار سنڀار لڌي، ۽ اک جي ماڻڪيءَ جيان سندن حفاظت ڪيائين.


جيئن تہ خدا انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو


هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan