Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن اچي کيس چيو تہ ”ڊوڙ ۽ انهيءَ شخص کي وڃي ٻڌاءِ تہ يروشلم شهر ۾ انسان توڙي جانور ايترا تہ گھڻا ٿي ويندا جو ڪوٽ جي حد ۾ نہ ماپندا، بلڪ ان کان ٻاهر بہ سندن آبادي وڌي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 2:4
24 Iomraidhean Croise  

صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.


آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.


هائو، تنهنجا ٻار جيڪي جلاوطنيءَ دوران پيدا ٿيا هئا، سي اڳتي هلي تو کي چوندا تہ ’هيءَ زمين تمام ٿوري آهي، اسان کي رهڻ لاءِ وڌيڪ جاءِ کپي.‘


ڏس، مون لوهار خلقيو آهي، جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو. مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن، جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين.


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


تڏهن سڀ ماڻهو هاري توڙي ڌنار پنهنجن ڌڻن سميت يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ يهوداہ توڙي اسرائيل ملڪ کي انسانن توڙي ڍورن ڍڳن سان ڀري ڇڏيندس.


سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘


هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.


اهي نوجوان اهڙا هجن، جن ۾ ڪوبہ عيب نہ هجي، بلڪ اهي خوبصورت، هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل ۽ حڪمت سمجھندا هجن، يعني انهن ۾ اهڙي لياقت هجي جو کين شاهي محل ۾ خدمت لاءِ مقرر ڪجي. پوءِ تون انهن کي بابل جي رملين جي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکار.“


اي يروشلم جا رهاڪؤ! شهر جي ڀتين جي نئين سر تعمير جو وقت اچي رهيو آهي. انهيءَ وقت اوهان جي علائقي جون حدون وڌايون وينديون.


تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“


انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو.


جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملا ٿيون ڪن تن تي خداوند هي آفتون آڻيندو، جو بيٺي بيٺي سندن ماڻهن جو ماس ڳري ويندو، سندن اکيون سندن کانچن ۾ ڳري وينديون ۽ سندن زبانون سندن واتن ۾ ڳري سڙي وينديون.


ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan