Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 مون کانئس پڇيو تہ ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ هن مون کي وراڻيو تہ ”يروشلم کي ماپڻ ٿو وڃان، ڏسان تہ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ڪيتري آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن مون پڇيومانس تہ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟ ۽ هن مون کي چيو تہ يروشلم کي ماپڻ لاءِ ٿو وڃان؛ انهيءَ لاءِ تہ ڏسان تہ اُن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ ڪيتري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 2:2
10 Iomraidhean Croise  

شهر جي حد اڃا بہ جاريب جي ٽڪريءَ تائين اڳتي سڌي سنئين هلي ويندي ۽ ڦري جوعاتہ تائين ايندي.


هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو.


انهيءَ کان علاوہ مون لاءِ مخصوص انهيءَ ايراضيءَ سان لڳولڳ ڏکڻ طرف هڪڙو ٻيو حصو مقرر ڪيو ويندو، جيڪو ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر اولهہ کان اوڀر طرف ڊگھو ۽ اڍائي ڪلوميٽر ڏکڻ کان اتر طرف ويڪرو هوندو. انهيءَ تي شهر اڏايو ويندو جنهن ۾ بني اسرائيل جي هر قبيلي جو ڪوبہ ماڻهو رهي سگھندو.“


تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”انهيءَ گُندڙي کي هو ڪيڏانهن کڻي ٿيون وڃن؟“


پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘


پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربان‌گاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan